Sunday, January 1, 2023

Toon Na Aayen Preen - تون نہ آئين پرين

 





موسَمُون تہ ڪيئي آيون ويون،
تون نہ آئين پرين

 

مَن اُڃايل ڄَڻ ڪو آھي پکي
ھي گهٽائون ڪيئي آيون ويون
تون نہ آئين پرين

تنھنجي لالي کڻي ڄَڻ گُلڙا ٽِڙيا
سُرخ شامون ڪيئي آيون ويون
تون نہ آئين پرين

راھہ تنھنجي تڪيندي ”جُنيد مڱريا“
چنڊ راتيون ڪيئي آيون ويون
تون نہ آئين پرين


 شاعر : جنيد مڱريو

فنڪار : شمن علي ميرالي

 

 

No comments:

Post a Comment